سومرا راڄ گهراڻو

سومرا راڄ گهراڻو

سومرا راڄ گهراڻو

سومرا راڄ گهراڻو (ڪتاب): هيءُ ڪتاب سنڌ جي نامياري مؤرخ ڊاڪٽر مهر عبدالحق سومري جي انگريزي ڪتاب ‘The Soomras’ جو سنڌي ترجمو آهي، جيڪو عمر سومري ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ سومرن جي بادشاهيءَ جي 350 سالن جي تاريخي د‍ؤر کي سائنسي تحقيق جي بنياد تي جامع انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي. ڪتاب جي ابتدا ۾ سنڌيڪار جو نوٽ، مترجم جو ڪتاب بابت تعارف ۽ اصلوڪي ڪتاب ‘The Soomras’ جي ليکڪ ڊاڪٽر مهر عبدالحق سومري جو لکيل مهاڳ به شامل آهي. هن ڪتاب کي مجموعي طور ٻن ڀاڱن ۾ ورهائي سگهجي ٿو، پهريون ڀاڱو ايڪيهن (21) بابن تي مشتمل آهي، جن ۾ باب پهريون ’سنڌ‘ لفظ جي لسانياتي سمجهاڻي، باب ٻيون، ’جيون جو جنم وٺڻ ۽ انسان پاران ان کي قائم رکڻ لاءِ جاکوڙ، باب ٽيون، ڪانن ٻيڙين جا موجد، باب چوٿون، ماهر ٻيڙياتا ۽ سامونڊي وڻجارا، باب پنجون، ’دلمون‘ ديوتائن جي جنت، باب ڇهون، سومرا ۽ دراوڙ، باب ستون، سومرا تاريخي دؤر دوران ۽ ٻيا باب شامل آهن، جڏهن ته ٻئي ڀاڱي ۾ مختصر طور ڪن سومرا شخصيتن جو سرسري احوال، ايراضيءَ جا نقشا، سومرا دور سان تعلق رکندڙ تاريخي ماڳن ۽ شين بابت ڄاڻ ۽ سومرن جي نسلي شجرن جو چارٽ پڻ ڏنل آهي. ڪتاب جي پڇاڙيءَ ۾ اصلوڪي انگريزي ڪتاب جي ليکڪ ۽ سنڌيڪار جو مختصر تعارف به ڏنل آهي. ڪتاب جو پهريون ڇاپو فيبروري 2010ع ۾ ثقافت کاتي، حڪومت سنڌ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.
ڊيمي سائيز جي پڪي جلد ۽ رنگين ٽائيٽل واري 332 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 400 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو